ڪنڍيارو ٽائون جي نئين مالي سال جي بجيٽ پيش

ڪنڊيارو (ن ع آ ) ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي سال  2020-21 جو بجيٽ اجلاس ٽائون چيئرمين سيد غلام مرتظي` شاهه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ٽائون آفيسر آغا جاويد پٺاڻ،اسسٽنٽ شاهنواز ڏيپر ۽  ڪائونسلرن شرڪت ڪئي۔ٽائون چيئرمين پاران سال 2020-21 جي ڇويهه ڪروڙ،ٻٽيهه لک،ٻاويهه هزار،ٻه سئو ٻارنهن روپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي . ۔بجيٽ ۾ متوقع آمدني بابت اجلاس کي ڄاڻ ڏيندي چيئرمين ٻڌايو ته مقامي فنڊ ۾  ٽيويهه لک ڇاونجاهه هزار ست سئو ڇائيتاليهه روپيه،حڪومت جي طرفان متوقع شيئرز ايڪيهه ڪروڙ ڇهانوي لک ارڙنهن هزار چار سئو ڇاونجاهه روپيه،آئندهه سال لاء وصوليون (ڪچي پڙي،دڪانن جي مسواڙ،پراپرٽي ٽيڪس ۽ دڪانن جي بقاياجات وغيرهه) چار ڪروڙ ڇٽيهه لک ٽي هزار ست سئو ڇاونجاهه روپيه وصولي ٿيندي،ٽائون جي عوام تي ڪوبه نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو۔چيئرمين سالياني خرچ جو ڪاٿو ٻڌائيندي چيو ته پنجويهه ڪروڙ ويهه لک اٺھتر هزار چارسئو اڻھٺ روپيه خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي جنهن ۾ ملازمن جي پگهار لاء پندرنهن ڪروڙ، ارڙنهن هزار،چارسئو اڻھٺ روپيه،رٽائير ملازمن جي پينشن ۽ گريجوئٽي لاء ٻه ڪرڙ پنج لک روپيه،اسٽريٽ لائٽ ۽ شھر جي روشني لاء ويهه لک روپيه،فائربرگيڊ گاڏين جي مرمت،رفيوز وين،ٽريڪٽرس ۽ ٻين مشينن لاء ٻاويه لک روپيه،شهر جي پبلڪ پارڪ ۽ سٽي گرائونڊ جي مينٽيننس لاء نو لک ڏهه هزار روپيه،شھر جي صفائي ۽ اسپري لاء ٻه ڪروڙ ٻه لک پنجاهه هزار روپيه،سماجي ڀلائي لاء ستٽيهه لک ويهه هزار،قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء ڏهه لک روپيه،ڪورونا وائرس کان احتياطي اپائن لاء ڏهه لک روپيه ۽ شھر جي گهٽين  ۽ نالين جي مرمت لاء ٽي ڪروڙ روپيه مختص ڪيا ويا آھن۔هڪ ڪروڙ پنجٽيهه لک چار سئو  نوانوي روپيا بچت جو اندازو لڳايو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.