نصير آباد مختيار ڪار آفيس ۾ رشوت خوري جون دانهون، کاتيدار پريشان

نصيرآباد ( ت ر  ) نصيرآباد جي مختيارڪار آفيس ۾ بغير پيسا ڏيڻ جي  ڪو به ڪم نه ٿيڻ لڳو  هر جائز ڪم جا به پيسا طلب ڪندر عملي خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي،  نصيرآباد جي مختيارڪار آفيس ۾ فرد بڪ نه هجڻ جي ڪري  کاتيدار رلي رهيا آهن، فرد حاصل ڪرڻ جي لاءِ روز روز پري پري کان ايندڙ  کاتيدار فرد نه ملڻ جي ڪري سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن،  مختيارڪار آفيس ۾ ڪوٽوارن کان ويندي پٽيوالن ۽ تپيدارن جا ريٽ مقرر ٿيل آهن، جيڪي مختيارڪار آفيس جائز ڪم ڪرائڻ ايندڙن کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن پيسا نه ڏيندڙن کي مختلف جواز ڄاڻائي رلايو ويندو آهي، انهيءَ طريقي سان گذريل پنجن مهينن کان فرد بڪ جو جواز ڄاڻائي هزارين روپيا ڪمائي رهيا آهن نصيرآباد جي کاتيدارن ڊي سي قمبر کان مطالبو ڪندي چيو ته روينيو آفيس نصيرآباد م هلندڙ سرعام ڪرپشن جو نوٽيس وٺي کاتيدارن سان انصاف ڪري فرد بڪ مهيا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.