رتوديرو جو صحافي بيماري سبب چانڊڪا داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو جو سينيئر صحافي عبدالجبار نوناري بيماري سبب چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ ۾ داخل، عبدالجبار نوناري شگر سبب سخت بيمار شگر سبب سندس پير ۾ زخم ٿي ويا، بڪيون به سخت متاثر، غربت سبب علاج ڪرائڻ کان لاچار، لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي وفد جي ڊي سي لاڙڪاڻو سان ملاقات، ڊي سي پاران چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس سان رابطو ڪري صحافي جو بهتر نموني علاج ڪرائڻ جون ھدايتون، ايم ايس کي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي صدر سرڪش سڌايو، جنرل سيڪريٽري منور رند، سينيئر نائب صدر اعجاز چانڊيو، فنانس سيڪريٽري شيراز پٺاڻ، جوائنٽ سيڪريٽري نادر ابڙو، جوائنٽ سيڪريٽري ظھير ابڙو ۽ آفيس سيڪريٽري جاويد سولنگي ڊپٽي ڪمشنر ھائوس پھچي ڊي سي لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کي يونين جي عھديدارن چيو ته رتوديرو جو صحافي عبدالجبار نوناري بيمار آھي ۽ نيفرولاجي وارڊ ۾ داخل آھي جنھن بعد ڊي سي ايم ايس کي فون ڪري صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ ۽ بھتر نموني ان جي صحتيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون جنھن بعد چانڊڪا اسپتال جي عملي فوري طور تي صحافي جو علاج شروع ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.