سنڌ حڪومت جون جاري ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ ئي اصلي آهن: نبيل گبول جو اعتراف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول جو چوڻ آهي ته هن گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽن کي ڪوڙو ناهي چيو پر اِهو چيو هو ته عذير بلوچ جيڪي ڏوهه ڪيا انهن مان ڪيترائي ان رپورٽ ۾ شامل ناهن جڏهن ته سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل رپورٽ ئي اصلي آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نبيل گبول چيو ته علي زيدي وفاقي وزير هئڻ جي باوجود منهنجي ڪنڌ تي بندوق رکي هلائڻ ٿو چاهي جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿيندو ڇو ته هو قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي غير سنجيده بيان کان پوءِ پاڻ ڦاسي پيو آهي.

سندس چوڻ هو ته علي زيدي ڪالهه هڪ شو ۾ چيو ته منهنجي لاءِ موٽر سائيڪل سوار ڪو لفافو ڇڏي ويو هو جنهن ۾ ٻه جي آءِ ٽي رپورٽون هيون جيڪي مون کي 2017ع ۾ مليون هيون.

هن انڪشاف ڪيو ته ساڳي رات منهنجي گهر به ڪو موٽر سائيڪل سوار هڪ خاڪي رنگ جو لفافو ڇڏي ويو هو جنهن جي اندران پيار ڀريو خط نڪتو جنهن تي علي زيدي جو نالو لکيل هو، غلطي سان منهنجو لفافو علي زيدي وٽ پهچي ويو ۽ علي زيدي جو لفافو مون وٽ پهچي ويو.

نبيل گبول جي آءِ ٽي جي حوالي سان پاڻ بابت ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته مون جي آءِ ٽي کي ڪوڙو ناهي چيو پر اِهو چيو هو ته عذير بلوچ جيڪي ڏوهه ڪيا انهن مان ڪيترائي ان رپورٽ ۾ شامل ناهن.

پ پ اڳواڻ 2016 واري پنهنجي هڪ انٽرويو جي حوالي سان چيو ته ان وقت ٽي جي آءِ ٽيز بڻيون هيون جنهن جي ڪري ادارن جي وچ ۾ تڪرار هو جڏهن ته هڪ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ته ڪنهن جي به صحيح نه هئي.

هن سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل جي آءِ ٽي جي اصلي يا نقلي هئڻ بابت چيو ته علي زيدي پاڻ وفاقي وزير آهي، هن کي گهرجي ته هو پاڻ انهن ادارن کان پڇي ته انهن وفاقي ادارن جي آفيسرن ٻن الڳ الڳ رپورٽن تي صحيحون ڪيئن ڪيون، ان مان سڀ واضح ٿي ويندو جڏهن ته اصلي ان رپورٽ کي مڃيو ويندو جنهن تي ٽيم جي سمورن ميمبرن جون صحيحون آهن.

علي زيدي طرفان سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا کي ”هيرو“ چوڻ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا ئي پيپلز امن ڪميٽي بڻائي، هن ئي عذير بلوچ جي چوڻ تي لياري جي چئني ايس ايڇ اوز ۽ ايس پي کي تبديل ڪيو، عذير کي پنهنجو ٻچو چيو پر جيئن ته ذوالفقار مرزا جي گهرواري وفاقي وزير آهي ۽ حڪومت جي اتحادي جي ڊي اي جو حصو آهي ان ڪري علي زيدي هن کي ناراض نه ڪرڻ لاءِ ذوالفقار مرزا کي هيرو چئي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.