مندر اڏاوت معاملي تي اسلامي نظرياتي ڪونسل جي اهم پڌرائي جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ مندر جي اڏاوت واري معاملي تي عالم ۽ ديني طبقن جا ماهرن احتجاج بدران ڪونسل جي رهنمائي ڪن.

اسلامي نظرياتي ڪونسل جي پڌرائي موجب مذهبي معاملن واري وزارت مندر جي قيام لاءِ حڪومت فنڊ بابت راءِ طلب ڪئي آهي.

پڌرائي موجب ڪونسل کان پڇيو ويو آحي ته ڇا حڪومت سرڪاري فنڊ مان غير مسلم جي عبادت گاهه اڏي سگهي ٿي؟

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين قبلا اياز هدايت ڪئي آهي ته ان سوال تي تحقيق وارو شعبو جلد کان جلد پنهنجي راءِ جوڙي، معاملي کي ڪونسل جي اعليٰ باڊي جي ايندڙ اجلاس جي سامهون پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.