شهباز شريف جو بلاول ڀٽو زرداري سان رابطو، اي پي سي بابت ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيلي فون ڪيو ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) جي رٿڻ تي ڳالهيون ڪيون.

ٻنهي اڳواڻن آل پارٽي ڪانفرنس جي ٿيڻ تي ڳالهين سان گڏوگڏ اي پي سي جي تاريخ ۽ ان ۾ غور هيٺ آيل نڪتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف جي صحت بابت پڇاڻو ڪيو ۽ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو.

شهباز شريف طرفان به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.