گنگولي ايشيا ڪپ 2020ع جي رد ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا (بي سي سي آءِ) جي صدر سارو گنگولي هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ شيڊول ايشيا ڪپ جي رد ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هلندڙ سال ايشيا ڪپ جي ميزباني شيڊول موجب پاڪستان کي ڪرڻي هئي پر پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ۾ ايونٽ جو ٿيڻ ناممڪن هو ۽ ايشيا ڪپ جي ميزباني لاءِ گڏيل عرب امارات ۽ سري لنڪا مضبوط اميدوار آهن.

بي سي سي آءِ جي صدر ۽ ڀارتي ٽيلم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته سيپٽمبر ۾ شيڊول ايشيا ڪپ رد ٿي چڪو آهي.

گنگولي جو اِهو بيان اهڙي موقعي تي سامهون آيو جڏهن گذريل مهيني ئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو هو ته ايشيا ڪپ شيڊول موجب سريلنڪا ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ئي ٿينديو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) هلندڙ سال ٽي 20 ورلڊ پڪ جي مستقبل جو به فيصلو ڪندي جيڪو آڪٽوبر نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.