جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي چوري جو زميوار ڪير؟

ايم اسماعيل پيرزادو

سنڌ اندر هي واحد جوهي تعلقو آھي، جيڪو پنهنجي الڳ طور سڃاڻپ رکي ٿو، جوهي تعلقي اندر 1995 ۾ پ پ حڪومت دوران گاج بند تير ڀت ٽٽڻ بعد جوهي تعلقي اندر تاريخي بدترين ٻوڏ آئي هئي، افسوس جو ان دوران به جوهي جي زرعي پاڻي تي حڪمران ڌر قابض ھئڻ ڪري پڇڙي سڪي رهي هئي، پر آبادگارن جدوجهد جي شروعات ڪئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آھي، محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان اڄ ڏينهن تائين پ پ جي ڇهن ئي حڪومتن دوران جوهي جي پڇڙي جي 8 شاخن چينجاڻي، پٽوڙو، پهوڙ، دڙا، لاکا، نوناري ۽ ڇني شاخن ۾ زرعي پاڻي هڪ خواب بڻيل آھي.

زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ آبادگار تحريڪ جي سرواڻ غلام قادر شينهن رند جي اڳواڻي ۾ پاڻي چورن خلاف شروع ڪيل تحريڪ اڄ به مختلف پهلوئن ۾ جاري آھي، جوهي بئراج جي منڍ تي 25 سالن کان بااثر زميندارن، ڀوتارن ۽ انهن جي سهولتڪارن پاران حڪمران ڌر جي اثر هيٺ ايريگيشن جي انجنيئر ايس ڊي اوز ۽ ٻين ملازمن جي مدد سان بئراج جي منڍ تي سرعام غير قانوني پائيپ لفٽ مشينن ذريعي جوهي جي پڇڙي جي آبادگارن جي زرعي پاڻي تي ڌاڙا جاري آھن، جتان پاڻي چورن جي مرضي موجب عملدارن ڪمداري ڪندي ڏاڍ جي زور تي قانون کان مٿانهان رهي چيٽ توڙي ڪتي جي فصل جو پاڻي غائب ڪري پاڻ وٽ سئو سيڪڙو آبادي ڪري جوهي تعلقي جي پڇڙي کي ايٿوپيا بڻائي ڇڏيو آھي، جتي آبادي نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمينون ويران، بنجر ۽ ڀڙڀانگ نظر اچي رهيون آھن، پري پري تائين پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آھي، جڏهن ته انگريز دور جي حڪومت 1932 دوران قانون موجب 5 فوٽ 6 انچ جوهي بئراج ۾ زرعي پاڻي جي ڇوڙ جاري هئڻ ڪري آبادي رهي، پر هاڻ هڪ انچ به پاڻي نظر نٿو اچي، جوهي بئراج ڪاٽن زون ۽ خشڪ فصل تي پوکائي جو خودمختيار رهيو آھي، مگر پاڻي چور هٿيارن جي زور تي جوهي بئراج جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي زرعي پاڻي کي اغوا ڪري سرعام  لکين ايڪڙن تي مشمل غير قانوني سنڌ حڪومت طرفان 144 قلم جي باوجود ساريالو فصل پوکائي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 25 سالن کان  آبادگار متاثرين جو احتجاج سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کي نظر ئي نٿو اچي.

جوهي جي آبادگارن سان زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ وقتن بوقتن جوهي جا سياسي، سماجي ۽ مذھبي ماڻھو سدائين تحريڪ جو حصو رهيا آھن، جوهي جي آبادگار سدائين احتجاجن ذريعي ميڊيا جي رستي حڪمران ڌر کي آگاهه ڪندا رهيا آھن ته جوهي بئراج جو پاڻي ستين شاخ وٽ پاڻي چورن وٽ قيد آھي، پر سالن کان ڪڏهن به نوٽيس وٺي پڇڙي تائين زرعي پاڻي کي ناهي پهچايو ويو، جوهي تعلقي جي پڇڙي کي پاڻي ڏٺي ورهه گذري ويا آهن، هاڻ آبادي ته ٺھيو افسوس جو ميلن جا ميل پري پري تائين پيئڻ جو پاڻي ملڻ به مشڪل هئڻ ڪري انسانن جي آبادي سان گڏ چوپايو مال ۽ پکي پرنده به اڃ مري رهيا آھن، لکين ايڪڙ زمين غير آباد هئڻ ڪري جوهي ۾ پکين جي نسل ڪشي ٿيڻ ڪري ڪٻر، جهرڪي، ڪانو، بربلا ۽ ٻيا پکي به ناياب ٿي ويا آھن، هتان جا رهواسي پکين جي ٻولين ٻڌڻ لاءِ پريشان آھن، جوهي تعلقو قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، جوهي جي اولھ طرف ڪاڇي ۾ اربين روپيا ڪمائي ڏيندڙ آئل ڪمپنيون به موجوده آھن ۽ جوهي جي اوڀر طرف تيل گئس جي هر مهيني اربين روپيا ماهوار ڪمائي ڏيندڙ ڪمپنيون اڄ به هلي رهيون آهن، پر افسوس ته انهن مان جوهي واسين کي رائلٽي مان ٽڪي جو به رليف ناهي ملندو نه ئي متاثرين آبادگارن جي لاءِ پيڪيج يا ننڍا ننڍا قرض ڏنا ويا آھن.

جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي جي کوٽ سبب هتان جا آبادگار هر سال وياج تي ٻج ۽ ڀاڻ وٺي فصل پوکين ٿا، پر هر ڀيري فصل نه ٿيڻ ڪري قرضي ٿي وڃن ٿا، هزارين خاندان جيڪي بئراجي پاڻي کي پيئڻ جي پاڻي طور استعمال ڪن ٿا، اهي پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ ۽ فصل نه ٿيڻ سبب لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، خلق خدا پاڻي لاءِ تڙپي پئي، مسلسل احتجاجن ۾ آهي، پر سندن ڪو به تدارڪ نه پيو ٿئي، ان ڪري سرڪار سڳوري کي گهرجي ته هنن بي پهچ آبادگارن جو جائز مسئلو حل ڪري هزارين خاندانن کي بک، بدحالي ۽ خودڪشين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.