پي آءِ اي جي وڌيڪ 34 پائليٽن جا لائسنس معطل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي پي آءِ اي جي  وڌيڪ 34 پائليٽن جا لائسنس معطل ڪري ڇڏيا.

سي اي اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائسنسنگ معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب پائليٽن خلاف انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين انهن جا لائسنس معطل رهندا.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوابازي واري وزير 262 شڪي پائليٽن جي فهرست جاري ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.