”عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي ڪيل واعدا وساري ڇڏيا پر عوام کي سڀ ياد آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ لوڊشيڊنگ تي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته بجلي صنعتي، ڪمرشل ۽ گهرو صارفن جي لاءِ مهانگائي ۽ اڻ لڀ ٿيندي پئي وڃي، وزير اعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪنٽينر تي ويهي جيڪي واعدا ڪيا هئا، شايد هو وساري ويٺو پر عوام کي سڀ ڪجهه ياد آهي.

اسلام آباد ۾ احسن اقبال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بجلي ۽ پيٽرول سان گڏ اٽو به اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي، پنجاب ۾ اپريل ۽ مئي ۾ ڪڻڪ لڻڻي پر مارڪيٽ ۾ اٽو مهانگو ۽ گهڻي مقدار ۾ موجود ناهي.

خواجا آصف چيو ته حڪومت جي سرپرستي ۾ مافيا پروان چڙهي رهيو آهي، جيڪڏهن ان جو انگ گهٽ هجي ته وڌيڪ ڪري، ڪنهن کي يوٽيلٽي اسٽور ۽ ڪنهن کي اي سي سي جي ذريعي پهچايو پيو وڃي.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ اقتدار ۾ جيتري بجلي موجود هئي اسان ان جي مقدار کي ٻيڻو ڪيو باوجود ان جي ته وزير اعظم عمران خان ڪنٽينر جي ياست جي ذريعي اسان جو ڏيڍ سال ضايع ڪيو.

خواجا آصف چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنج سال رهي پر هڪ به منصوبو مڪمل نه ٿيو، مسلم ليگ ن جا منصوبا تيار ٿيڻ تي موجوده حڪومت پنهنجي نالي جي تختي لڳرائي رهي آهي.

احسن اقبال:

ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسان جي حڪومت فوڊ، انرجي ۽ واٽر سيڪيورٽي کي هڪ ڪري منصوبو بڻايو جيئن لاڳاپيل شعبن ۾ کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي پر موجوده حڪومت ان منصوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو.

 احسن اقبال جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت معيشت کي ڪمزور ڪيو، هڪ نااهل شخص جي هٿان پاڪستان جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي جڏهن ته افغانستان جي ڪرنسي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ مضبوط ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.