ڪراچي ۾ عورتن کي ڦريندڙ گروپ جا 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ماڊل پوليس اسٽيشن فيروز آباد جي پوليس عورتن کان ڦر ڪندڙ اسٽريٽ ڪرمنلز جي گروپ جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار امير ۽ دلاور جي قبضي مان ڦريل سامان ۽ زيور هٿ ٿيا آهن جڏهن ته هنن جي قبضي مان 2 پستول به هٿ ٿيا آحن جنهن تي هانن جي خلاف هٿيار آرڊيننس جي تحت 2 الڳ ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس ساجد سدوزئي موجب گرفتار جوابدار تازو ئي ڪراچي جي مختلف علائقن مان 30 کان وڌيڪ عورتن کان هٿيار جي زور تي ڦرلٽ ڪئي ۽ وارداتن جو اعتراف به ڪيو آهي.

ايس ايس پي موجب ٻنهي جوابدارن کي هڪ شهري جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار شاپنگ جي لاءِ آيل عورتن کان ڦرلٽ جي واردات ڪندا هئا.

جوابدار بهادر آباد، نمائش چورنگي ۽ طارق روڊ تي عورتن سان ڦرلٽ جي وارداتن جو به اعتراف ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.