ڪراچي مان ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس ابراهيم حيدري جي علائقي مان ايم ڪيو ايم لنڊن سان واسطو رکندڙ ٽارگيٽ ڪلر زاهد بنگالي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب زاهد بنگالي سياسي مخالفن ۽ معصوم ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ۽ ان جي قبضي مان هينڊ گرنيڊ ۽ ٽي ٽي پسٽل هٿ آيو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار خلاف قتل، قتل جي قدمن ۽ ڦر جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جڏهن ته هو ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ داخل 7 ڪيسن ۾ اشتهاري آهي.

پوليس موجب جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن رئيس مما گروپ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو حصو آهي، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ڪيترن ئي ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو انڪشاف ڪيو آهي، جڏهن ته هو اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.