توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف جي طلبيءَ لاءِ اشتهار ۽ آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ طلبي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ان ئي ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي موڪلي ڇڏيا آهن.

احتساب عدالت جي حڪم تي جاري ڪيل اشتهار ۾ لکيو ويو آهي ته عدالت ان ڳالهه تي مطمئن آهي ته جوابدار ان ڪيس ۾ مفرور آهي، تنهن ڪري نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

عدالت جي احاطي ۾ لڳل اشهتار ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف ريفرنس جو جواب ڏيڻ لاءِ 17 آگسٽ تي عدالت سامهون پيش ٿئي.

ان ئي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ به نيب کي موڪلي ڇڏيا.

30 جون تي احتساب عدالت ڄاڻايل ريفرنس ۾ آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اڄ ڪيس جي ٻڌڻي دوران به آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالتي وارنٽ موجب آصف زرداري 50 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن ۽ هڪ ضامن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿئي، جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.

واضح رهي ته ان ڪيس آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني شريڪ جوابدار آهي، انهن تي توشه خاني ۾ قيمتي گاڏيون تحفي ۾ وٺڻ جو الزام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.