داد لغاري: ڳوٺاڻي جو ڀائرن جي زيادتين خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
داد لغاري: ڳوٺاڻي جو ڀائرن جي زيادتين خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽداد لغاري: ڳوٺاڻي جو ڀائرن جي زيادتين خلاف احتجاج

داد لغاري ۾ ڳوٺاڻي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڀائر زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ جان جا ويري بڻجي ويا آهن

داد لغاري ويجهو جادو بنگلو جي رھواسي لياقت پتافي پنهنجي امڙ ۽ ٻين گھرڀاتين سان گڏجي داد لغاري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته گذريل 22 سالن کان11 جريب زمين آباد ڪري رھيو آھيان  جيڪا والدين پاران حصي ۾ ڏني وئي هئي جنهن تي ڪجهه ڏينهن کان منهنجا ڀائر قبضو ڪرڻ چاهين ٿا

هن چيو ته سڌير پتافي، قدير احمد، شبير احمد ۽ ٻيا زمين کسڻ چاھين ٿا جنهن ڪري منهنجي گھر تي ڪاھ ڪري منھنجي معصوم پٽ باغ علي پتافي کي زخمي ڪري مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي ويا آهن

متاثر ڳوٺاڻي ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.