ڪنڌڪوٽ: بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا قتل، 7 ڄڻا زخمي

عوامي آواز رپورٽ
ڪنڌڪوٽ: بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا قتل، 7 ڄڻا زخمي
عوامي آواز رپورٽڪنڌڪوٽ: بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا قتل، 7 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ ويجھو بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڳوٺ مير محمد بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي معاملي تان جھڙو ٿي پيو جنهن ۾  گوليون لڳڻ ڪري نظير احمد ۽ سندس  نوجوان پٽ رئوف علي گوليون سبب قتل ٿي ويا جڏهن ته سعيد خان، بشير احمد ۽ شاھ دوست سميت ست ڄڻا گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ڪنڌ ڪوٽ آندو ويو جتان بشير ۽ شاھدوست سميت ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو

هوڏانهن پوليس جوابدارن جي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو جتان جوابدار اڳ ئي فرار ٿي پيا هئا جنهن بعد پوليس جوابدارن جو مال ڪاھي ڍڪ حوالي ڪيو ۽ گھر مان ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل کي پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.