نوشهروفيروز: سن ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف نوجوانن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
نوشهروفيروز: سن ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف نوجوانن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽنوشهروفيروز: سن ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف نوجوانن جو احتجاج

نوشهروفيروز ۾ نوجوانن پاران پوليس ۾ سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف نوجوانن فيصل علي سيال، محمد مبين، مير حسن عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مھراڻ پارڪ کان پريس ڪلب نوشهرو فيروز تائين ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان جا والدين رٽائر پوليس ڪانسٽيبل آھن تنهن ڪري سن ڪوٽا بحال ڪري اسان کي نوڪريون ڏنيون وڃن

ھنن چيو ته سپريم ڪورٽ به سنڌ پوليس ۾ سن ڪوٽا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي چڪي آھي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي

احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سن ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھون ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.