ڀارت ۾ ڊپريشن هڪ ٻي زندگي کائي ويو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڊپريشن جي وڌندڙ رجحان ۾ هڪ ٻي ڇرڪائيندڙ خبر سامهون آئي آهي، جتي وڌيڪ هڪ ناري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

رپورٽن موجب دهلي يونيورسٽي جي 18 ورهين جي شاگردياڻي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو، هوءَ ٽڪ ٽاڪ جي وڏي اسٽار هئي ۽ ان ويڊيوز پليٽ فارم تي ان جا وڏي انگ ۾ فالوئر هئا.

شروعاتي جاچ دوران پوليس کي آپگهات جو حقيقي ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو پر چيو پيو وڃي ته ڀارت ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي سبب ناري ڏاڍي پريشان هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ناريءَ کي سندس سئوٽ مئل حالت ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو.

ناريءَ جي ويجهن مائٽن موجب هوءَ گذريل ڪجهه عرصي کان ڊپريشن ۾ هئي، شايد اهو ئي سبب آهي جو هن اهڙو انتهائي قدم کنيو.

واضح رهي ته ڀارت ۾ ڊپريشن ۽ آپگهات جو رجحان وڌندو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ ٽڪ ٽاڪ اسٽار سيا ڪڪڙ پڻ آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته چين سان ڇڪتاڻ وڌڻ سبب ڀارت ۾ 59 چيني ايپس تي پابندي لڳائي وئي آهي، جن ۾ ٽڪ ٽاڪ پڻ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.