سشانت جي مداحن لاءِ يادگار طور ڇڏيل فلم جو ٽريلر جاري

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر هو چاهيندڙن لاءِ يادگار طور فلم ”دل بيچارا“ ڇڏي ويو آهي.

سشانت سنگهه راجپوت جي آخري فلم ”دل بيچارا“ جي ٽريلر جو ماڻهو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيا هئا، جنهن کي هاڻ رليز ڪيو ويو آهي ۽ ٽريلر ۾ سشانت پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سان ميلو لُٽي ورتو آهي.

فلم ۾ سشانت سنگهه راجپوت سان گڏ مک ڪردار اداڪارا سنجنا سانگهي نڀايو آهي، جيڪا آمريڪن رومينٽڪ ڊرامي ”دي فالٽ ان اوور اسٽارس جو هندي ريميڪ آهي.

فلم جي ڪهاڻي ڪينسر سان متاثر هڪ ناريءَ جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا هڪ نوجوان سان پيار ڪري ويهي ٿي ۽ پوءِ ڪهاڻي ۾ ٽوئسٽ پيدا ٿئي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.