ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن رڪارڊ 24 هزارن کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن جي تصديق

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 24 هزار 850 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

دنيا ۾ آبادي جي لحاظ سان ٻئي وڏي ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 6 لک 73 هزار 165 تائين پهچي چڪو آهي ۽ ڀارت دنيا ۾ وبا سان سڀ کان متاثر ملڪن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

انگن اکرن موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 19 هزار 268 آهي.

ان کان اڳ ميڊيڪل ريسرچ جي ڀارتي ڪائونسل طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته ڀارت 15 آگسٽ تائين ڪورونا جي امڪاني ويڪسين تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

ويڪسين جي انسانن تي آزمائش لاءِ 7 جولاءِ تائين رضاڪارن کي رجسٽريشن ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

هوڏانهن صحت جي عالمي اداري آگسٽ تائين ويڪسين جاري ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.