صدف ڪنول شاديءَ کانپوءِ منصوبا تبديل ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل صدف ڪنول اڳتي آئٽم سانگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستاني فلم ”نامعلوم افراد“ ۾ ”ڪيف و سرور“ نالي آئٽم سانگ ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتل صدف ڪنول مڙس شهروز سبزواري سان گڏ هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ايندڙ منصوبن تي ڳالهايو.

اداڪارا ۽ ماڊل موجب مون سان شهروز ڪڏهن به آئٽم سانگ جي معاملي تي ناهي ڳالهايو، ڇو ته اهو به هڪ فن هو، هڪ ڪم هو جيڪو مان ڪيو.

ان موقعي تي شهروز چيو ته منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن آئٽم نمبر فلم جي ڪهاڻي ۾ ضروري هجي ته پوءِ ئي ڪرڻ گهرجي، فلم جي مشهوري لاءِ نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ذاتي طور ”ڪيف و سرور“ منهنجو پسنديده گانو آهي.

انٽرويو دوران صدف ڪنول واضح انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن اڳتي مون کي ڪنهن به فلم ۾ آئٽم نمبر جي آڇ ٿي ته انڪار ڪنديس، ڇو ته اڳ ۾ مان اڪيلي هيس پر هاڻ شادي ٿي وئي آهي، منهنجو هڪ خاندان آهي ۽ هر شئي کي ڏسي هلڻو پوندو آهي.

شاديءَ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان صدف ڪنول چيو ته مون کي ان سان ڪو به فرق نٿو پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.