”اسان جيان اپوزيشن به قوت جو مظاهرو ڪري ها ته نتيجا مختلف هجن ها“

 

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته معاشي ناڪامي رياست لاءِ تباهي آهي، جي يو آءِ جيان اپوزيشن پنهنجي قوت جو اظهار ڪري ها ته نتيجا مختلف هجن ها.

مظفر ڳڙهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ معيشت بيهجي وئي آهي، هر وقت نيب ۽ ايف بي آر جي تلوار لڙڪي رهي آهي، هتي احتساب رڳو اپوزيشن جو ٿيندو آهي، جڏهن ته 30 ارب رپين جو بي آر ٽي منصوبو هاڻ 120 ارب رپين کان وڌيڪ جو ٿي ويو آهي.

هن چيو ته 5 جولاءِ 1977 تي جمهوريت جو قتل ٿيو، اسان ان جو مقابلو ڪيو، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي، هتي ڊڪٽيٽر شپ يا صدارتي نظام نٿو اچي سگهي، جتي ڊڪٽيٽر شپ هجي، اتي صحافت کي هٿي نٿي ملي سگهي.

سندس چوڻ هو ته اسان وانگر اپوزيشن به پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ها ته نتيجا ڪجهه ٻيا هجن ها، مرڪزي سطح تي اي پي سي ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ اپوزيشن جي غلطين جو ازالو ڪرڻ گهرجي.

مڪاني چونڊن جي حوالي سان پڇيل سوال تي فضل الرحمان چيو ته جتي ڌانڌلي سان ملڪ جو نظام هلي رهيو هجي، اتي ڪهڙيون مڪاني چونڊون ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.