ڪورونا: ميڪسيڪو ۾ فوتين جو انگ 30 هزارن کان ٽپي ويو

 

ميڪسيڪو (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سان فوتين جو انگ فرانس کان به وڌي ويو.

سرڪاري انگن اکرن موجب ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس جا 30 هزار 3 سئو 66 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ ڇنڇر ڏينهن 5 سئو 23 فوتگيون پڻ شامل آهن.

ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سان متاثرن جو گڏيل انگ 2 لک 52 هزارن تائين ٻڌايو پيو وڃي پر اهي به خدشا آهن ته متاثرن جو انگ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.