ڊبليو ايڇ او ڪورونا خلاف هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين جي آزمائش روڪي ڇڏي

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس جو امڪاني علاج سمجهي ويندڙ دوا هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين جي آزمائش روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جنيوا ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻڌايو ويو ته ڪووڊ 19 جي مريضن تي مليريا جي دوا هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين ۽ ايڇ آءِ وي جي دوائن ”لوپيناوير ۽ ريٽوناوير“ جي آزمائش معطل ڪئي پئي وڃي.

ڊبليو ايڇ او موجب انهن دوائن جي آزمائش جا هيل تائين هاڪاري نتيجا سامهون ناهن آيا ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي پڻ ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.