سنڌ حڪومت ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: حليم عادل شيخ

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ حڪومت ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: حليم عادل شيخ
عوامي آواز رپورٽسنڌ حڪومت ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: حليم عادل شيخ

تحريڪ انصاف سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳڙا ويجهو واهه جي پل نه هجڻ سبب کجي جي پل تان ڪري ٻڏي فوت ٿيل نينگر سهراب کهڙو جي وارثن سان ڳوٺ يار محمد مرکنڊ پهچي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اربين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود سنڌ جا حڪمران واھن تي پل به ناهن ٺاهرائي سگهيا، جنهن سبب نينگر جي حياتي کسجي وئي ۽ صدمي ۾ سندس امڙ به دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جو ڪيس سنڌ حڪومت خلاف داخل ڪرڻ گهرجي.

هن پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ ٽي وي تي ويهي وزيراعظم تي تنقيد ته ڪري ٿي پر خيرپور جي ڪيترن ئي پاڙن کي پپاڻي فراهم به ناهي ڪري سگهي، قائم علي شاهه 10 سال وڏو وزير رهيو آهي پر خيرپور جا روڊ رستا اڄ به کندڙ بڻيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.