لعلورائنڪ: پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

عوامي آواز رپورٽ
لعلورائنڪ: پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
عوامي آواز رپورٽلعلورائنڪ: پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

لعلورائنڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران  5 جولائ جو ڏينهن  ڪاري ڏينهن طور ملھايوويو.

 5جولائ 1977 تي آمر ڊڪٽيٽر جنر ضياء الحق طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پوري ملڪ ۾ مارشل لا هڻڻ خلاف  پ پ پ لعلو رائنڪ ۽ پپ شهيد ڀٽو جي  جيئالن  نجاوت حسين مغيري ۔ علي نواز کوسو ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي چانڊيو، نبي بخش پيچوهو، شمن علي تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 5جولائ يوم سياح طور ملهايو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  آمر ضيا جبرن  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پوري ملڪ تي 11سال غير آئيني طرح   قبضو ڪري حڪومت ڪئي.

 هنن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ليڊر هيو جنهن سنڌين کي شعور ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.