ڪورونا مان صحتياب حيدر علي، عمران خان ۽ ڪاشف ڀٽي کي به انگلينڊ موڪلڻ جون تياريون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ دوري لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل نوجوان رانديگرن حيدر علي، ڪاشف ڀٽي ۽ عمران خان ٻي ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ انهن جي مانچسٽر روانگيءَ لاءِ انتظام شروع ڪيا ويا آهن.

ٽنهي رانديگرن سان گڏوگڏ مساجر ملنگ علي ۽ محمد عمران به پڻ ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا ناڪاري آيا آهن.

انگلينڊ دوري لاءِ اعلانيل اسڪواڊ مان هن وقت اڪيلو رانديگر حارث رئوف ڪورونا ۾ ورتل آهي، جنهن جي تازي ٻي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آئي هئي.

فاسٽ بالر حارث رئوف هن وقت گهر ۾ ئي آئسوليٽ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وري ڪورونا ٽيسٽ ڪرائيندو.

ان کان اڳ 6 ڪرڪيٽرن مان 2 ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تي اڳ ئي انگلينڊ پهچي چڪا آهن، جتي ٿيندڙ ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچڻ جي صورت ۾ کين قومي اسڪواڊ جوائن ڪرڻ جي اجازت هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.