18هين ترميم سان هٿ چراند جو مطلب وفاق تي حملو هوندو: آصف زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم سان هٿ چراند جو مطلب وفاق تي حملو هوندو.

پ پ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءُ موجب سڀاڻي پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب ڪاري ڏينهن تي احتجاجي مظاهرا نه ڪيا ويندا.

ان حوالي سان پ پ صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 18هين ترميم سان هٿ چراند جو مطلب وفاق تي حملو هوندو، پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي، پارليمينٽ جي تعظيم سڀني ادارن جو آئيني فرض آهي.

اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته پ پ اڄ به آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي اصولن تي قائم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.