ڪورونا جي ماحول ۾ ڪرڪيٽ، ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان

 

سائوٿمپٽن (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلش ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪپتاني بين اسٽوڪس حوالي ڪئي وئي آهي.

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 8 جولاءِ کان سائوٿمپٽن ۾ مهمان ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏيندي، جنهن لاءِ 13 رڪني ميزبان ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني بين اسٽوڪس کي ڏني وئي آهي، ڇو ته جو روٽ ذاتي مصروفيتن سبب ميچ جو حصو نه هوندو.

ٻين رانديگرن ۾ جيمز اينڊرسن، فوجرا آرچر، ڊومينڪ بيس، اسٽيورٽ براڊ، روري برنز، جوز بٽلر، زڪ ڪرالي، جو ڊينلي، اولي پوپ، ڊوم سيبلي، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

ڪورونا وائرس جي ماحول ۾ اها ڪرڪيٽ جي ميدانن تي پهرين ٽيسٽ ميچ هوندي، جيڪا آءِ سي سي جي پئيلنگ ڪنڊيشنز ۾ ترميمي رولز ۽ بنا تماشائين جي کيڏي ويندي، جڏهن ته ان لاءِ ريزور رانديگر پڻ رکيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.