صحت جي سهولت کي اڻ ڪافي قرار ڏيندڙن تي افسوس ٿو ٿئي: ڄام ڪمال خان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته صحت جي سهولتن جي اڻ ڪافي قرار ڏيندڙن لاءِ افسوس ٿيندو آهي.

تفصيل موجب ڪوئيٽا ۾ ڪورونا شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته خوف ۽ خطرن جي باوجود طبي عملي ذميواريون نڀايون، لفظ ڏک جو ازالو ته نٿا ڪري سگهن پر خدمتن کي ياد ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي.

ڄام ڪمال خان جو چوڻ هو ته صحت جي سهولتن کي اڻ ڪافي قرار ڏيندڙن لاءِ افسوس ٿيندو آهي، بلوچستان ۾ گهٽ وسيلن جي باوجود ڪورونا جو مقابلو ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته ٽيسٽنگ کان وٺي علاج تائين سڀ ڪجهه سرڪاري سطح تي ڪيو ويو آهي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ ڳري رقم مختص ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ سموريون ٽيسٽنگون سرڪاري اسپتالن ۾ ٿي رهيون آهن، ان کان پهرين بلوچستان ۾ اهڙي طرح ڪم نه ٿيو جهڙو ٿيڻ گهرجي.

ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته هلندڙ سال جي بجيٽ سان صحت کي شعبي کي گهڻو فائدو ٿيندو، هيلٿ سيڪٽر ۾ وڏي سطح تي توهان کي تبديلي نظر ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.