برسات جي اڳڪٿي، حيدرآباد کي ٻڏڻ کان بچايو

امتياز چانڊيو

سنڌي ۾ مهاورو آهي ته  “لٿين لاباري مڙس متو”، مون وٽ حيدرآباد جون خبرون پئي گڏ ٿيون، عوامي آواز جي ايميل ڪمپيوٽر تي سامهون کليل هئي، شام جو حيدرآباد جون خبرون فائينل ڪري هيڊ آفيس کي پئي موڪليم، معمول جيان سنڌ انفرميشن حيدرآباد جي ايميل تان آيل فائيل ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي هڪ گڏجاڻي جي خبر به پهتي، خبر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڊي سي حيدرآباد، لاڳاپيل ادارن سان گڏجاڻي ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسيو ويو آهي ته موسميات کاتي جيتوڻيڪ هن ڀيري حيدرآباد شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ برساتن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، برسات ايتري پوندي جو ماڻهن کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري برساتي نالن جي کوٽائي وارو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ پمپنگ اسٽيشنز کي اپ گريڊيشن ڪري فعال بنايو وڃي.

اهو بيان ته گذريل سال به برساتن جي زوردار سلسلي پهچڻ دوران ڊي سي آفيس مان جاري ٿيو هو، مون کي لڳو پئي ته ڄڻ هن ڀيري به بيان ساڳيو آهي، پر ڊي سي جو رڳو نالو تبديل ڪيو ويو آهي، مون اهو سوچيو پئي ته آخر حيدرآباد انتظاميا تڏهن ئي سجاڳ ڇو ٿي ٿئي، جڏهن مصيبت اچي مٿان ٿي پوي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت نٿو هجي.

ميڊيا تي اهي خبرون ڪيترائي ڏينهن اڳ ۾ پئي هليون ته برسات جو زوردار سلسلو ويجهو پيو اچي، انتظاميا کي اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي، پر افسوس ته انتظاميا اهڙين خبرن کي هوا ۾ اڏائيندي رهي ٿي، موسميات کاتي گذريل جمع ڏينهن تي برساتن جو سلسلو پاڪستان ۾ پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي، پر بعد ۾ جاري ٿيل خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته سومر کان برسات سڄي پاڪستان ۾ وسندي، جيڪا زوردار هوندي، هاڻ وڃي تڏهن حيدرآباد انتظاميا اڃا رڳو سکڻو بيان جاري ڪيو آهي ته برساتي پاڻي جي نيڪال وارا نالا صاف ڪيا ويندا، ڇنڇر ڏينهن تائين نه برساتي پاڻي جي نيڪال واري نالن جي صفائي جو ڪم شروع ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپنگ مشينن کي فعال ڪرڻ وارو ڪم ڏسڻ ۾ آيو، تنهن ڪري مون کي ضلعي انتظاميا جو عمل ان مهاوري جيان پئي لڳو ته “لٿين لاباري مڙس متو”. هاڻ هلي آهي حيدرآباد انتظاميا برسات جي تياري ڪرڻ.

هاڻ جڏهن برسات مٿان آهي ته نالن جي صفائي ڪيئن ممڪن آهي، سڄي سال جو گند ڀريل لکن ماڻهن جي آبادي واري شهر جي سمورن نالن جي هڪ يا ٻن ڏينهن اندر ڪيئن صفائي ممڪن ٿي سگهي ٿي، اهو پلان ته ضلعي انتظاميا جاري ئي ناهي ڪيو. مون کي ياد آهي ته چار يا پنج ڏينهن اڳ ڊي سي حيدرآباد فتح چوڪ کان ناراجيل تائين حيدرآباد-ٽنڊومحمد خان جي ٽٽل روڊ جي مرمت جي ڪم جي روڊس کاتي کي هدايت ڪئي هئي، هاڻي ٻن ڏينهن کان پوءِ برسات شروع ٿي ويندي، هڪ سال کان وٺي اهو روڊ کڏن ۽ کٻن ۾ تبديل ٿيل آهي، برسات پوڻ شرط اهو ڀرجي ويندو، هن وقت ته ان روڊ جي ٽڪري جو ڪم ممڪن ئي نٿو لڳو. جڏهن ته ضلعي انتظاميا مون سون جي برساتن دوران شهر ۾ موجود خطرناڪ ڄاڻايل جاين جي نشاندهي ڪري انهن کي خالي ڪرائڻ وارا نوٽيس جاري ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي، پر هن وقت تائين منهنجي نظر تي اهڙي ڪا به خبر ناهي چڙهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هجي ته ڪا برساتن دوران خطرناڪ ڄاڻايل جاءِ خالي ٿي هجي، ڊي سي حيدرآباد کي گهربو هو ته برساتن پوڻ کان هڪ مهينو اڳ گڏجاڻي ڪري عملي طور تي برسات کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪري ها، پر ائين نه ٿيو، برساتن دوران هاڻي ماڻهو تڪليف ۾ پون ئي پون.

ضلعي انتظاميا جي سستي ۽ زوردار برساتون پوڻ جي اڳڪٿي کان پوءِ حيدرآباد شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ بيچيني پکڙبي پئي وڃي، برساتون ته رحمت هونديون آهن، پر هتي برساتون سدائين ماڻهن لاءِ زحمت بڻبيون رهيون آهن، ڇو ته برساتي نالن جي صفائي جو ڪم شروع نه ٿيڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر حيدرآباد شهر برساتي پاڻي سان ٻڏڻ جو انديشو وڌندو پيو وڃي، گذريل سالن ۾ به برساتي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست نه هجڻ ڪري هي شهر بار بار ٻڏندو رهيو آهي ۽ هڪ ڀيري ته انتظاميا اهڙي نااهلي ڪئي جو حيدرآباد شهر ۾ برساتون پوڻ بعد ٻيڙيون به هلايون ويون هيون.

سانوڻي جي برساتن ۾ سدائين سڀ کان وڌيڪ لطيف آباد ۽ قاسم آباد جا هيٺياهين وارا علائقا متاثر ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري ضلعي انتظاميه کي قاسم آباد سميت حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي برساتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻ گهربي هئي ته جيئن برساتن دوران ماڻهن کي مشڪلاتن ۽ مسئلن کان بچائي سگهجي، گذريل سال جي برساتن ۾ ته قاسم آباد جي واڌو واهه اوور ٽاپنگ ڪئي هئي، جنهن جي ڪري واڌو واهه جي ٻنهي پاسن وارا پلازه ۽ رهائشي ڪالونيون به ٻڏي ويون هيون، برساتي پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ماڻهن جي گهرن ۽ فليٽن جي پارڪنگ ۾ بيٺو رهيو، ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو رستو به نه پئي مليو، بيٺل پاڻي بدبوءِ ڪري ويو ۽ ماڻهو گهر ڇڏي ٻين هنڌ تي منتقل ٿي ويا هئا، جيڪڏهن واقعي اهڙي برسات پوي ٿي ۽ ضلعي انتظاميا ڪم ڪرڻ بجاءِ رڳو بيانن تي ئي زور رکيو ته اڳي کان به ڏکي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري ڊي سي حيدرآباد کي گهرجي ته هنگامي بنياد تي پلان ترتيب ڏئي، لاڳاپيل عملي کان ڏينهن رات ڪم ڪرائي پاڻي جي نيڪال وارين پمپنگ اسٽيشنن کي فعال بنائڻ سان گڏوگڏ بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ جنريٽر ۽ مشينري جي دستيابي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي، ان کان علاوه مين ڊرينيج لائينن توڙي واڌو واهه سميت قاسم آباد، حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد جي ڊرينيج نظام کي ان قابل بنايو وڃي ته جيئن برساتي پاڻي نيڪال ٿي سگهي ۽ ماڻهو مشڪلاتن کان بچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.