فاروق  ستار  جو  ڪي اليڪٽرڪ آفيس  آڏو  ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم تنظيم بچايو ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن جو سلسلو بند نه ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي پريس ڪلب تي  لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندڙ کي خطاب  ڪندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾ جنهن گھر جو بل ٽئي هزار ماهوار ايندو هو اهو هاڻي 15 هزارن جو موڪليو پيو وڃي، ماڻهن جي آمدني ۾ ته واڌ ناهي ٿي پر بجلي جي بلن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته حڪومت  بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ ٻن رپين کان وڌيڪ واڌ ڪئي آهي، حڪومت ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ کي خدا مڃي ورتو آهي، حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي ڏوهن ۾ برار جي شريڪ آهي.

فاروق ستار اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته ايندڙ احتجاج ڪي اليڪٽرڪ جي مرڪزي آفيس ٻاهران ڪنداسين.

سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته حڪومت اي ڊي بي جي قرض مان نالا صاف ڪرائي رهي آهي، ڪراچي ۾ گڏ ٿيندڙ ٽيڪس ڪٿي آهي؟ نالن جي صفائي لاءِ قرض ڇو پيو ورتو وڃي، اسان کي سهولتون ناهن ڏنيون ويون ته ڪراچي به ٽيڪس نه ڏيندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم چوندو آهي ته مون کان سواءِ ڪو به آپشن نه آهي، روڊن تي  نڪتا  آهيون هاڻ اسان ٻڌائينداسين ته آپشن ڪير آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.