”سول ايوي ايشن 262 شڪي پائلٽس کي بنا دير شوڪاز نوٽيس جاري ڪري“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مطالبو ڪيو آهي ته سول ايوي ايشن 262 شڪي پائلٽس کي بنا دير شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ۽ قانون تحت انهن خلاف 30 ڏينهن ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته لائسنس رد ڪرڻ لاءِ حتمي منظوري ڪابينا جي هوندي آهي پر سول سي اي اي ڪندي آهي ۽ ايوي ايشن ڊويزن سمري ٺاهي منظوري وٺندو آهي، سول ايوي ايشن جو لائسنس جعلي يا شڪي نٿو ٿي سگهي، اهو لائسنس هوندو آهي، يا معطل ٿيل يا رد ٿيل هوندو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي لائسنس معطل يا رد ڪرڻو آهي ته ان جو طريقي ڪار سول ايوي ايشن جي قانونن ۾ وڏي وضاحت سان موجود آهي، رول 342 وڏو ڪليئر آهي ته ڪيئن لائسنس کي معطل يا رد ڪري سگهجي ٿو.

سندس چوڻ هو ته اسان جو مسئلو اتي اچي بيٺو آهي ته اسان ڪو قدم کڻڻ کان اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو ته 262 لائسنس جعلي ۽ شڪي آهن، ان کي سڄي دنيا پڪڙي ورتو ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته اڃا تائين سول ايوي ايشن طرفان ڪو بيان ناهي آيو، ڇو ته سول ايوي ايشن ئي امتحان وٺندو آهي ۽ اهو ئي لائسنس جاري ڪندو آهي.

ن ليگ اڳواڻ موجب ايوي ايشن ڊويزن انهن پائلٽس کي شڪي ڪيسز چيو آهي ۽ ايئر لائنز کي چيو آهي ته انهن کي بنا دير گرائونڊ ڪيو وڃي ۽ پاڪستان ۾ اڏام ڀريندڙ اهڙي قسم جا سمورا پائلٽس گرائونڊ ڪيا ويا آهن، انهن پائلٽس خلاف سول ايوي ايشن قانونن تحت ڪارروائي جو به اشارو ڏنو ويو آهي ۽ انهن ماڻهن کي پنهنجي صفائي جو موقعو به ڏنو ويندو، هاڻ انصاف جا تقاضا سدائين اهو چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان کي الزام لڳائڻو آهي ته اڳ ۾ جوابدار کي ٻڌايو ته ان تي ڪهڙو الزام آهي، پوءِ ان خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

هن چيو ته اسان سزا ڏئي ڇڏي، گرائونڊ ڪري ڇڏيو، نالا ۽ فهرستون گم ٿي ويون ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود 50 کان وڌيڪ پائلٽ مون سان رابطي ۾ آهن ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ اهي ڪواليفائيڊ آهن، اتي فلائنگ ڪلبس ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

شاهد خاقان عباسي موجب پي آءِ اي جي 141 پائلٽس جي فهرست ڏني وئي، ان مان 26 پائلٽ پي آءِ اي ۾ ناهن، ٻه حويليان ۾ شهيد ٿي ويا، 6 پي آءِ اي مان رٽائر ٿي چڪا آهن، 29 جي ڊيٽا درست ناهي، 10 عدالت سان رابطو ڪيو آهي، 7 جي اسٽيٽس بابت ڪو علم ناهي ۽ 18 کي اڃا تائين لائسنس جاري ناهي ٿيو، باقي 43 خلاف شڪ ان ڳالهه سان پيدا ٿيو ته جنهن ڏينهن انهن امتحان ڏنو، ان ڏينهن اهي ڊيوٽي تي به موجود هئا.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سول ايوي ايشن 262 پائلٽس کي بنا دير شوڪاز نوٽيس جاري ڪري، بورڊ آف انڪوائري ٺاهي وڃي، انهن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، کين ٻڌايو وڃي ته سندن ڏوهه ڪهڙو آهي ۽ قانون تحت انهن خلاف 30 ڏينهن ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.