ڪچي کير جي استعمال سان هاڃيڪار جِين  جو خطرو وڌي ٿو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي غذائي ماهرن عام ملندڙ کير جي هزارين نمونن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ انڪشاف ڪيو آهي ته کير ۾ اينٽي بايوٽڪ دورائن سان مزاحمت رکندڙ جين جو وڌيڪ مقدار هوندو آهي، تنهنڪري ان کير  کي سٺي طره اٻارڻ کان پوءِ ئي استعمال ڪرڻ جي ضروري آهي.

مطالعي ۾ جتي اها ڳالهه سامهون آئي ته جيڪڏهن ڪچي کير کي فرج م رکي ڇڏجي ته ان ۾ جراثيم وڌيڪ ناهن هوندا، اتي اها به خبر پئي ته ڪچي کير ۾ اهڙن خطرناڪ جين جو  مقدار وڌيڪ هوندو آهي جيڪي اينٽي بايوٽڪس جي خلاف مزاحمت ڪندا آهي.

اها ڳالهه ان کان اڳ به هڪ مطالعي ۾ سامهون اچي چڪي آهي پر موجوده تحقيق ۾ ان جو واسطو جراثيم جي انگ وڌڻ مان به ثابت ٿيو آهي، جيڪا  هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

ان تحقيق جي روشني ۾ بزرگن جي پراڻي نصيحت هڪ ڀيرو وري تازي ٿي وئي اهي ته کير کي سدائين سٺي نموني سان اٻاري پيئڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.