پ پ جو پورٽ اينڊ شپنگ وزارت بابت وائٽ پيپر جاري ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي)( ايڪٽ ۾ آرڊيننس جي ذريعي تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اربين ڊالر جي چڪر ۾ ماڻهن کي هٽايو ۽ لڳايو پيو وڃي. پورٽ اينڊ شپنگ واري وزارت بابت جلد هڪ وائٽ پيپر جاري ڪنداسين.

ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪفايت شعاري جي نالي تي ايندڙ حڪومت جي وزير ڪي پي ٽي ۾ پنهنجي آفيس ٺهرائي، علي زيدي اسيمبلي ۾ به مسلسل ڪوڙ ڳاهائيندو رهيو آهي.

عبدالقادر پٽيل چيو ته 2 سالن کان ڪي پي ٽي ۾ ليز بند آهي، ويسٽ و هارف جو 16 نمبر پلاٽ ڏسو، ڪنهن کي ڏنو ويو آهي، مون کي خبر آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ت پي ٽي ايڪٽ ۾ آرڊيننس جي ذريعي تبديلي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اربين ڊالرن جي چڪر ۾ ماڻهن کي هٽايو ۽ لڳايو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪي پي ٽي هڪ خود مختيار ادارو آهي، جنهن ۾ هڪ وزير هر هر مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ هو پنهنجي اي ٽي ايمز کي واپس پيسا ڏئي رهيو آهي. جيڪو يوسي چيئرمين جي چونڊ هارجي ويو ان کي وزير بڻايو ويو.

عبدالقادر پٽيل چيو ته قومي اسيمبلي ۾ 2 سالن کان بدتميزي جو سلسلو جاري هو، جنهن جو هدف اسان جي قيادت کي بڻايو ويو هو، گذريل 6 مهين کان اسان انهيءَ زبان ۾ جواب ڏيڻ شروع ڪيو جنهن ۾ هو ڏيندا هئا. هن چيو ته اسپيڪر صاحب اسيمبلي ۾ منهنجو مائيڪ بند ڪري سگهي ٿو، منهنجو آواز نه.

هن چيو ته منهنجو نالو ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس ۾ به ڏنو ويو، آئون ڪليئر هيس واپس آيو آهيان. جهانگير ترين اڄ لنڊن ڀڳل آهي، جهانگير ترين ڪٿا آهي ٻڌايو.

پ پ اڳواڻ چيو ته هي ماڻهو ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري پريس ڪانفرنس ڪندا آهن، اسپيڪر جو رويو گهڻي حد تائين جانبداراڻو ٿي چڪو آهي، بي اعتمادي واري رٿ آڻينداسين.

عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪي پي ٽي بورڊ جو ميمبر اهڙو ماڻهو نٿو بڻجي سگهي جنهن جا پورٽ سان واپار مفاد هجن.

سندس چوڻ هو ته ڪي پي ٽي کي ڊيجيٽلائز ڪرڻ جي 70 ملين ڊالر ۽ 12 ملين ڊالر جي آفر ٿي، اِهي 70 ملين واري ڪمپني کي پروجيڪٽ ڏيڻ وارا هئا، پر چيئرمين ڪي پي ٽي اعتراض ڪيو.

عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪجهه ماڻهن کي دبئي مان آندو ويو، هي ڪوڙ مٿان ڪوڙ پيا ڳالهائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.