ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي گم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو نه بيهجي سگهيو ۽ شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو دورانيو 7 کان 10 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب گرميءَ ۾ شهري عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ بجلي جي اک ٻوٽ جاري آهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا متاثر علائقن جا نالا ٻڌائڻ کان پاسو ڪري رهي آهي.

گذريل رات شهر جي لياقت آباد سي ون ايريا، نارٿ ڪراچي، ملير، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني، نيو ڪراچي، لياري، آگرا تاج ڪالوني، بهار ڪالوني، گلستان جوهر جي مختلف بلاڪس، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، ڊالميا، گلشن جمال، ابو الحسن اصفهائي روڊ، لسٻيلا، گلبهار، گرومندر، صدر، گارڊن، ناظم آباد، سولجر بازار، کارادر، جهانگير روڊ، ڪلفٽن ۽ مارٽن ڪوارٽرز سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم رهي، جنهن سبب سخت گرميءَ ۾ شهرين رات جاڳي گذاري.

بجلي جي بندش سبب جتي شهري گرميءَ ۾ تڙپي رهيا آهن، اتي ئي پاڻي جي کوٽ ۽ شاگردن کي آن لائن ڪلاسن ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان شهر جي آجن علائقن ۾ پڻ 2 کان 3 ڀيرا بجلي بند ڪئي پئي وڃي.

شهر ۾ بجلي جي گهرج ۽ پهچ جي حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ڪجهه نه ٻڌائي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي سوئي سدرن کان گئس، پي ايس او کي فرنس آئل ۽ نيشنل گرڊ کان بجلي ته ملي رهي آهي پر ڪي اليڪٽرڪ ڪيتري بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، اها ڪنهن کي خبر ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.