”وزيراعظم جي حڪمت عملي سان ڪورونا ڪيس گهٽيا پر خطرو اڃا ناهي ٽريو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اڄ سڄي دنيا اختيار ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته 100 ڏينهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ڪورونا وبا بابت رات ڏينهن ڪم ڪيو، اين سي او سي جهڙي صورتحال ۾ ڪم ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي.

هن چيو ته ڪورونا جي حوالي سان حالتون ضابطي ۾ آهن پر اڃا خطرو ناهي ٽريو، ايس او پيز تي عمل سان وبا تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، جنهن تي عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪڏهن عوام ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ته اسپتالن ۾ رش اڃا گهٽجي ويندي، ڪورونا مان صحتيابي جي شرح به بهتر آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي دنيا اختيار ڪيو، وزيراعظم جي حڪمت عملي سان ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي پر وبا اڃا ختم ناهي ٿي.

شبلي فراز موجب ڪورونا خلاف طبي عملو پهرين صفن ۾ آهي، حڪومتي ڪوششن سان ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائي وئي، جيڪڏهن اسان محتاط انداز ۾ ايس او پيز تي عمل ڪندا رهياسين ته جلد اسپتالون خالي هونديون، اسان سڀني کي متحد ٿي ڪورونا سان مقابلو ڪرڻو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته احساس پروگرام تحت ڏيڍ ڪروڙ خاندانن ۾ رليف لاءِ روڪ رقم ورهائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.