سيالڪوٽ مان ٻارن جون غير اخلاقي ويڊيوز ٺاهي وڪرو ڪندڙ عالمي گروپ جو ميمبر گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ سيالڪوٽ ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي ٻارن جون غير اخلاقي ويڊيوز ٺاهڻ ۾ ملوث ارسلام نالي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب انٽرپول جوابدار بابت ڄاڻ پاڪستان کي ڏني هئي جنهن تي ڪارروائي ڪندي هن کي گرفتار ڪيو ويو.

جوابدار آمريڪا مان آپريٽ ڪندڙ هڪ انٽرنيشنل گروپ سان رابطي ۾ هو جيڪو ننڍي عمر جي ٻارن جون غير اخلاقي ويڊيوز وڪرو ڪندو آهي.

جوابدار وٽان غير اخلاقي ويڊيوز ۽ تصويرن جي صورت ۾ 225 جي بي ڊيٽا هٿ ٿي آهي ۽ انٽرپول کان مليل ڄاڻ جي روشني ۾ جوابدار کان جاچ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.