ٺٽو: ھيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊرز آرگنائيزيشن جي آفيس جو افتتاح

عوامي آواز رپورٽ
ٺٽو: ھيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊرز آرگنائيزيشن جي آفيس جو افتتاح
عوامي آواز رپورٽٺٽو: ھيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊرز آرگنائيزيشن جي آفيس جو افتتاح

ٺٽي ۾ ھيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊرز آرگنائيزيشن جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو.

مڪلي ھائوسنگ سوسائيٽي ۾ منقعد ڪيل تقريب ۾ ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو، سيد اعزاز شاھه، اشرف چنڊ ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ادارو رنگ نسل، ذات پات کان ھٽي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿو.

ھنن چيو ته ملڪ جي 1971 جي جوڙيل قانون ۾ شھرين جا انساني، بنيادي، آئيني ۽ قانوني حق محفوظ ٿيل آھن پر اھي ملن نه پيا.

مقررن چيو ته اداري جو مقصد معاشري ۾ لاقانونيت، سماجي براين ۽ انساني تذليل خلاف قانوني جدوجھد ڪرڻ آھي.

مقررن وڌيڪ چيو ته ھر موڙ تي سماج ۽ قانون دشمن مافيا کي للڪاري قانوني ڪھٽري ۾ آندو آھي……………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.