ڪشمور: ڳوٺاڻن پاران بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڪشمور: ڳوٺاڻن پاران بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽڪشمور: ڳوٺاڻن پاران بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪشمور ويجهو ڳوٺاڻن پاران بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

تاج کوسو، شير باز دشتي، عنايت الله کوسو ۽ ٻين چيو ته کوسا موري بجلي فيڊر انچارج فائق بجاراڻي رشوت نه ڏيڻ تان 20 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن جي بجلي بحال ڪري فائق بجاراڻي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.