سي پي ڊي آءِ ترقياتي اسڪيمن بابت موبائل ايپليڪيشن جو افتتاح

حيدرآباد(رپورٽر) سي پي ڊي آءِ پاران اين اين ايف جي تعاون سان ترقياتي اسڪيمن بابت موبائل ايپليڪيشن جو افتتاح، سي پي ڊي آءِ جي اهتمام هيٺ هڪ ڊجيٽل سيمينار ۾ ڊي ايل جي بجيٽ ٽريڪر موبائل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي.  ان موقعي تي ايف اين ايف پاڪستان جي هيڊ مس برگٽ ليم چيو ته جديد انداز ۾ معلومات تائين رسائي هر شهري جو بنيادي حق آهي. ، سي پي ڊي آءِ عوام کي بجيٽ سازي جي موقعي تي معلومات تائين فراهمي جي لاءِ موبائل ايپليڪيشن ٺاهي شهرين کي لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي، اسان سي پي ڊي آءِ جي ان ڪاوش کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي سي پي ڊي آءِ جي پراجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر مونس ڪائنات زهرا چيو ته سي پي ڊي آءِ ايپليڪيشن کي ترقي يافتا پاڪستان جي لاءِ جهموري مقامي طرز حڪمراني تحت تيار ڪيو آهي، جنهن لاءِ مالي تعاون يورپي يونين ۽ ايف اين ايف ڪيو آهي، ڊي ايل جي بجيٽ ٽريڪر موبائل ايپليڪيشن جون خاصيتون بيان ڪندي مونس ڪائنات زهرا چيو ته هي ايپ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي 15 ضلعن ۾ صحت ۽ تعليم سميت پاڻي جي صوبائي کاتن جي ترقياتي بجيٽ جي مڪمل معلومات کي مختلف فلٽرز آپشن جي ذريعي ڏسڻ جي سهولت فراهم ڪندو، ان حوالي سان نشات ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر نثار احمد سومرو چيو ته سي پي ڊي آءِ پاران صوبن جي ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ بابت تيار ڪيل موبائل ايپليڪشن ذريعي اسان پنهنجي صوبن جي ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ آساني سان ڏسي سگهون ٿا. هن چيو ته موبائل ايپليڪيشن ذريعي شهرين کي خبر پوندي ته انهن جي علائقن ۾ سرڪار پاران تعليم، صحت ۽ پاڻي سميت ٻين  ڪهڙين اسڪيمن لاءِ ڪيترا پئسا رکيا ويا آهن، ايپليڪيشن تيار ڪرڻ تي سي پي ڊي آءِ ۽ ايف اين ايف جس لهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.