لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي گرفتاري خلاف وارث عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي مظاهرو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني ۽ حسيني پاڙي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ٻارڙن سان حيدري ٿاڻي جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فرزانه جاگيراڻي پنهنجي وارثن ڇٽڻ خاتون، حاجاڻي خاتون، رضيه خاتون، افروز، رخسانه جاگيراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته هفتو اڳ لُهر ڪالوني جي رهواسڻ ناري صفيه ۽ سندس جي ڀيڻ سپنا اسان جي وارث اختيار علي جاگيراڻي جي چنگچي رڪشا تي سوار ٿيڻ بعد گم ٿي ويون جنهن کان بعد ناري جي وارثن صفيه ۽ سندس ڀيڻ سپنا جي اغوا جو الزام نوجوان اختيار علي جاگيراڻي مٿان لڳايو. هنن الزام لڳايو ته حيدري ٿاڻي جي پوليس نوجوان اختيار علي جاگيراڻي کي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪري کڻي وئي جنهن کي پوليس سخت تشدد جو نشانو پڻ بڻايو جڏهن ته پوليس روزاني جي بنياد تي اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري تنگ ڪرڻ سان گڏ حراسان ڪري رهي آهي ناري جي وارثن حيدري ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي نوجوان جي چاچي ممتاز علي جاگيراڻي جي گهر تي قبضو ڪري اسان عورتن کي گهران ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ قيمتي سامان پڻ پوليس کڻي وئي آهي. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته حيدري ٿاڻي جو ايس ايڇ او لياقت کجڙ اسان کان 40 هزار روپيه رشوت ورتي هينئر هو وڌيڪ رشوت گهري رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او حيدري ٻڌايو ته  جون تي 16 سالن جي  صفيه ۽ 4 سالن جي سپنا اغوا ٿيون، فريادي ممتاز جتوئي جي فرياد تي 29 جون جي ڏينهن جوابدارن اختيار علي جاگيراڻي، سندس پيءُ مختيار جاگيراڻي، لُڌ سيلون جو دڪان هلائيندڙ نويد ميمڻ سميت هڪ نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ٿيو ، جنهن تي اختيار جاگيراڻي ۽ نويد ميمڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.