سروي جي ڪم کي جلد شروع ڪيو وڃي: احمد علي قريشي

يرپور( س ر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي جي صدارت ۾ موٽروي پروجيڪٽ لاءِ ضلعي خيرپور ۾ 80 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ زمين جي اڪيوزيشن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اي ڊي سي ون ضمير احمد جاگيراڻي، اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ، زونل لينڊ آفيسر نيشنل هائي وي اٿارٽي رسول بخش ملاح، واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت سروي کاتي جي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سروي کاتي جي عملدارن کي حڪم جاري ڪندي چيو ته سروي جي ڪم کي جلد شروع ڪيو وڃي ۽ ان ڪم کي جلد اڪلائڻ لاءِ ٻه ڪميٽيون پڻ جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي سي خيرپور چيو ته اسٽڪچر اسسيسمنٽ ڪميٽي واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ ڪم شروع ڪندي جنهن ۾ هاءِ وي، جنگلات، زراعت، روينيو ۽ سروي کاتن جا عملدار ميمبر هوندا جيڪي موٽروي پروجيڪٽ جي لينڊ اڪيوزيشن ۾ ايندڙ باغات، وڻ، جڳهون، گھر ۽ ٻين اڏاوتن بابت 15 ڏينهن اندر سروي ڪري رپورٽ ڏيندا.  ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي پاران هڪ ٻي ڪميٽي ڪراپ اسسيسمنٽ ڪميٽي نالي سان پڻ جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪميٽي به ساڳئي طرح واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪم شروع ڪندي جنهن ۾ زراعت، جنگلات، روينيو، سروي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار ميمبر هوندا جيڪي زمين ۾ فصلن جي معاوضي جو ڪاٿو لڳائڻ بابت رپورٽ ڏيندا. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور زونل لينڊ آفيسر رسول بخش ملاح کي واضح ڪندي چيو ته موٽر وي پروجيڪٽ دوران روڊن ۽ لنڪ روڊن تان هيوي مشينري ۽ ڊمپرن جي اچ وڃ سبب روڊ رستن جو اکڙي وڃڻ ۽ ٻي نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ اين ايڇ اي نئين سر تعمير ڪرائي ڏيڻ جي پابند هوندي جڏهن ته پروجيڪٽ جي سروي اندر مسجد، مندر سرڪاري ادارن سميت سمورين ٻين عمارتن به نئين سر تعمير اين ايڇ اي پنهنجي خرچ تي ڪرائي ڏيڻ جي پابند آهي. ڊي سي خيرپور زونل لينڊ آفيسر تي زور ڀريندي چيو ته پروجيڪٽ جا سمورا ڪاغذات ۽ نقشا جلد ڊي سي آفيس ۾ جمح ڪرايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.