حيدرآباد جا ڪيترائي علائقا گندگي جي ور، روڊ رستا تباهه، گٽر بند ٿيڻ معمول

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جا وارڊ نمبر 14 ۽ 18 جا علائقا ريلوي هائوسنگ سوسائٽي، الشهباز ڪالوني سميت ڀرپاسي وارا علائقا ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد، ايم پي اي ۽ ايم اين پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ سبب گندگي جي ورچڙهي ويا آهن، علائقي جا روڊ ۽ گهٽيون ٽٽي تباهه ٿي ويون آهن. جڏهن ته گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گٽر بند ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب علائقو گندگي پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ رهواسين پاران ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا توڙي، واسا اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن جي درن جا ڪيترائي دفعا چڪر ڪاٽڻ باوجود ڪنهن به اداري توڙي نمائندي علائقي جو دورو نه ڪيو آهي. علائقي جي رهواسين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل علائقن جو دورو ڪري علائقي جي صورتحال ۽ بيوس ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي حالت ڏسي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي زندگي ڪجهه بهتر ٿي سگهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.