ملڪ اندر مهانگائي جي شرح ۾ 2.29 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گذريل هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 2.29 سيڪڙو واڌ ٿي.

تفصيل موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾واڌ جو رجحان جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 2.29 سيڪڙو واڌ ٿي، هڪ هفتي دوران آنن، ٽماٽن، ڪڪڙ جي گوشت، بصر، کنڊ، اٽي ۽ پيٽروليم شين سميت 18 شيون مهانگيون ٿيون، چڻن جي دال، مسور جي دال، پٽاٽن ۽ ٿوم سميت 7 شيون سستيون ٿيون، جڏهن ته 26 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.

ان حوالي سان شماريات واري وفاقي وزير انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهائين جي لحاظ سان سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح وڌي 9.77 سيڪڙو ٿي وئي، شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۾ واڌ کائڻ پيئڻ وارين شين جي قيمتن ۾واڌ جي ڪري ٿي.

انگن اکرن موجب هڪ هفتي ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 24 پيسا في ڪلو واڌ، ڳاڙها مرچ 19 رپيا، ٽماٽا 11 رپيا في ڪلو، آنا اڍائي رپيا في درجن، ڪڪڙ جو گوشت ساڍا 4 رپيا، ماش جي دال هڪ رپيو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 6 رپيا، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 68 رپيا مهانگو ٿيو جڏهن ته پيٽرول، ڊيزل، کنڊ، چانور، بصر ۽ گوشت به مهانگو ٿيو.

شماريات واري اداري جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي ۾ 7 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، مڱن جي دال 6 رپيا، مسور جي دال هڪ رپيو، ٿوم 4 رپيا في ڪلو ۽ ڪيلا ڏيڍ رپيو في درجن سستا ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.