بل گيٽس دنيا جي پهرين نمبر تي امير شخص هئڻ واري حيثيت وڃائي ويٺو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جو باني بل گيٽس دنيا جو امير ترين ماڻهو هئڻ واري حيثيت وڃائي ويٺو.

بلوم برگ جي رپورٽ موجب ايمازون جي مالڪ جيف بيزوس بل گيٽس کي هڪ درجو هيٺ ڌڪي دنيا جو پهرين نمبر تي امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيف بيزوس جي اثاثن جي ماليت 116 بلين ٿي وئي آهي جڏهن ته بل گيٽس جي موجوده اثاثن جي ماليت 109 بلين رهجي وئي آهي.

بلوم برگ جي فهرست ۾ ٽيون نمبر فرانس سان تعلق رکندڙ بلين ايئر برنانڊ ارناٽ جو آهي جن جي موجوده اثاثن جي ماليت 90 بلين ڊالر آهي.

عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري جتي ڪيترن ئي وڏين ڪمپنين کي مالي نقصان رسيو اُتي ئي ايمازون جي مالڪ جيف بيزوس جي مالي اثاثن ۾ ڪيترائي سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.