سنڌ حڪومت انٽر سٽي ٽرانسپورٽ سروس تان پابندي هٽائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت انٽرسٽي (شهرن جي وچ ۾ ) ٽرانسپورٽ سروس جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس شاهه جو چوڻ هو ته سمورين مسافر گاڏين کي ضابطي ڪار (ايس او پيز) جي تحت اجازت ڏني آهي.

هن چيو ته مسافر گاڏين ۾ مسافرن کي ٽن فٽن جو فاصلو لازمي رکڻو پوندو جڏهن ته مسافر 50 سيڪڙو سيٽن تي مناسب فاصلي سان گڏ ويهندا.

سندس چوڻ ته سمورن مسافر ڪوچز، وين ۽ بسن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو استعمال به لازمي هوندو ۽ سموريون مسافر گاڏيون سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل بس اڏن مان نڪرنديون.

اويس شاهه خبردار ڪيو ته ضابطيڪار جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي.

انٽر سٽي بس سروس جاري رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي پر صوبي مان هر پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڃڻ تي پابندي برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.