فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري درخواست منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جي جلد ٻڌڻي واري گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته فيصل واوڊا جي خلاف رٽ پٽيشن جي گذريل ٻڌڻي 29 جنوري 2020ع تي ٿي جنهن کان پوءِ ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا هن وقت تائين پنهنجو جواب به عدالت ۾ جمع ناهي ڪرايو ۽ غير قانوني طور تي پبلڪ آف سنڀالي رکي آهي، ڌريون ڄاڻي واڻي معاملي کي خراب ڪرڻ چاهن ٿيون.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عوام جي بنيادي حقن جي ڪري ڪيس تي عدالت جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي، انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي درخواست جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

ميان فيصل ايڊووڪيٽ طرفان بيرسٽر جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ڪيس کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي .

فيصل واوڊا جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 199 جي تحت عام مفاد جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن 11 جون کي ڪاغذن جي نامزدگي جمع ڪرائي جن کي ريٽرننگ آفيسر 18 جون تي منظور ڪيو، فيصل واوڊا آمريڪي شهريت ترڪ ڪرڻ جي درخواست 22 جون تي جمع ڪرائي، نامزدگي وارا ڪاغذ ڪرائيندي وقت وفاقي وزير آمريڪي شهريت رکندو هو  جنهن کي لڪايو ويو.

عدالت نااهلي درخواست تي فيصل واوڊا ۽ اليڪشن ڪميشڻ سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري رکيو آهي.

ٻڌڻي کان پوءِ عدالت نااهلي ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري گڏيل درخواست منظور ڪندي رجسٽرار آفيس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.