اسد عمر کي ڪراچي پر اسان کي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن تي ڳڻتي آهي: پيپلز پارٽي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتر نه ٿيڻ بابت اسد عمر جي بيان تي رد عمل ڏيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيل مريضن جو سڀ کان وڌيڪ آهي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ملڪ جي هڪ لک صحتياب مريضن ۾ سنڌ جو تناسب 46 سيڪڙو آهي.

سعيد غني:

هوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته الله ڪري ملڪ ۾ حالتون اهڙيون ئي هجن جهڙيون اسد عمر ٻڌائي رهيو آهي.

هن چيو ته اسد عمر کي ڪراچي جي ڳڻتي آهي اِها سٺي ڳالهه آهي پر اسان کي سڄي ملڪ جي ڳڻتي آهي.

سعيد غني چيو ته ڪورونا وائرس جي شرح سنڌ ۾ پنجاب کان ٻيڻي وڌيڪ آهي ان ڪري ڪيس به وڌيڪ سامهون پيا اچن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.