سرگوڌا: خانگي ڪاليج جو استاد شاگردياڻي سان لڄالٽ جي الزام هيٺ گرفتار

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) خانگي ڪاليج جي استاد ميڊيڪل سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي کي مبينا طور تي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب شاگردياڻي سان مبينا زيادتي جو واقعو 26 جون تي پيش آيو ۽ 28 جون تي شاگردياڻي جي والد ڪيس داخل ڪرايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي والد محمد ارشد جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن موجب خانگي ڪاليج جي استاد شاگردياڻي کي ڪاليج جا ڪلاسز هلڻ بابت گهرايو ۽ ٻين شاگردياڻين جي نه هئڻ تي جڏهن هو واپس وڃڻ لڳي ته ٽيچر عادل حيات هن کي روڪي ورتو.

بائيولاجي جي استاد عادل شاگردياڻي کي گهر ڇڏڻ جي بهاني پنهنجي فليٽ تي وٺي ويو جتي شاگردياڻي کي 4 ڪلاڪن تائين فليٽ تي رکيو ۽ مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

ڪيس موجب جوابدار شاگردياڻي جي ويڊيو به ٺاهي ۽ هن کي اڌ بيهوشي واري حالت ۾ ڪاليج جي گيٽ تي ڇڏي هليو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.