مندر جي اڏاوت لاءِ فنڊن بابت فيصلو ڪير ڪندو…؟ اهم خبر پڙهندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ مندر جي تعمير لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ بابت فيصلو وزيراعظم ڪندو.

اسلام آباد ۾ مندر جي تعمير بابت وضاحتي بيان ۾ مذهبي معاملن بابت ترجمان چيو ته هندو اسيمبلي ميمبر 2017ع ۾ عبادت گاهه جي تعمير لاءِ هيومن رائيٽس ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. انساني حقن واري  وزارت جي درخواست تي وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) 2020ع ۾ مندر لاءِ جڳهه الاٽ ڪئي هئي.

ترجمان موجب اقليتي پارليامينٽ ميمبر مذهبي معاملن واري وزارت کي به مندر جي تعمير لاءِ فنڊن جي درخواست ڪئي هئي، مذهبي معاملن  واري وزارت اقليتن جي عبادت گاهن جي تعمير لاءِ فنڊ جاري ناهي ڪندي.

هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت اها درخواست وزيراعظم وٽ موڪلي ڇڏي هئي، اقليتي آبادي جي عبادت گاهه جي تعمير لاءِ فنڊن بابت فيصلو وزيراعظم ڪندو، وزيراعظم سمورن سماجي ۽ مذهبي رخن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪندو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت اسلامي نطرياتي ڪائونسل کان رهنمائي ۽ صلاح مشورو  وٺندي.

اسلام ۾ مذهبي عبادت گاهن لاءِ جاءِ جي فراهمي جي ذميواري سي دي اي جي آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، رياست ۽ حڪومت طور تي آئين موجب اقليتن جي مقرر  ٿيل حقن جي حفاظت ڪندو. مذهبي آزادين کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري رياستت جي آهي.

ترجمان موجب حڪومت سمورن ديني حلقن ۽ مذهبي اڳواڻن جي راءِ جو احترام ڪري ٿي. هندو برادري مندر جو پيڙهه جو پٿر ۽ تعمير پنهنجي وسيلن سان ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.